SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Civil Society

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sivəl
  • səsaiətiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Civil Society

سول سوسائٽي

مهذب يا معتبر حلقو

هي هڪ روايتي رياستي سرشتي، پيداواري قوتن ۽ مُلڪي سرڪار کان جُدا ۽ آزاد حلقو آهي، جيڪو سماج جي ٻين مُختلف ادارن ۽ سرشتن جي سهڪار ذريعي،عوام جي سياسي، معاشي، نظرياتي، ثقافتي ۽ ٻين لاتعداد سوچن جي اظهار جو ذريعو بڻجي ٿو. عام طرح ”سول سوسائٽيءَ“ جو تصور انساني سماج ۾ فرضن جي ادائگيءَ تي زور ڏيندي، قانون ۽ انساني حقن جي احترام تي زور ڏئي ٿو. اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري رياستي اختيارين ۽ سماج جي ٻين باشعور حلقن ۾ موجود فرق کي چٽائيءَ سان ظاهر ڪندي، آزاد فرد، تنظيم ۽ ادارن جي ڌار سُڃاڻپ تي زور ڏنو ويو. وقت گُذرندي، اڄوڪي دور ۾ سول سوسائٽي ڪنهن به رياست ۾ جمهوري اصولن جي پاسداريءَ لاءِ اهم فورم سمجهيو وڃي ٿو. روايتي طور غير سرڪاري تنظيمون (NGOs) کي هن حلقي ۾ پُٺيءَ جي ڪنڊي واري حيثيت حاصل آهي، پر غير روايتي سماجي حلقا، پروفيشنل تنظيمون، دلچسپي رکندڙ گروهه ۽ سماجي اوسر ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ڪيترا واسطيدار گروپ پڻ سول سوسائٽيءَ جو حصو سمجهيا ٿا وڃن. اهي سڀ ڌُريون گڏجي فردن ۽ ادارن کي رياستي ۽ آمريتي جبر کان تحفظ ڏيارڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اُسرندڙ مُلڪن ۾ غيرمعياري حڪمراني ۽ سياسي انتشار کي نظر ۾ رکندي، غير سرڪاري تنظيمن کي ماحولياتي، ۽ انتظامي شعبن ۾ اهميت ڏني ويندي آهي، بلڪ کانئن قانون سازيءَ جي عمل ۾ پڻ مدد ورتي ويندي آهي. ان هوندي به ”سول سوسائٽي“ جي عملي ڪردار بابت بلڪ شعور رکندڙ حلقي ۾ اڃا ڪيترا سوال موجود آهن، غير سرڪاري تنظيمن جي ڌڙا ڌڙ قيام جي صورت ۾ آيل ٻوڏ ان سوال کي اڃا به شديد بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور ”ٽين دُنيا“ جي مُلڪن ۾ اين جي اوز جي رياستي ڍانچي ۽ حُڪومتن سان ويجهڙائي ۽ شفاف طريقي سان ڪم نه ڪرڻ وارن حوالن سان، هن حلقي تي سڄي دُنيا ۾ تنقيد ٿي رهي آهي. انهن ڪمزورين باوجود چِٽي، باضابطا، جمهوري ۽ مهذب حلقي طور جيڪڏهن سول سوسائٽي پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي، ته اُها حُڪومتي حلقي ۾ سچا عوامي خدمتگار پيدا ڪرڻ، راءِ جي اختلاف لاءِ سهپ جوڳي فضا پيدا ڪرڻ، باوقار مُخالف ڌُر ترتيب ڏيڻ ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙڻ جي حوالي سان هاڪاري ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته اهو حلقو پنهنجين انفرادي سياسي خواهشن تي ضابطو آڻي ۽ ان کي شخصي يا گروهي اختيار يا مرتبي جي حاصلات لاءِ استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪري. بين الاقوامي امن اڀياس جي حوالي سان، ”سول سوسائٽيءَ“ جي وڏي اهميت آهي ۽ اهو حلقو دُنيا مان تڪرارن جي خاتمي، سهڪار ۽ عوامي ٻڌيءَ جي بُنيادن تي هڪ مُهذب عالمگير سماج جي اڏاوت ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو


From Dictionary of Political Terms


Civil Society

مهذب ۽ ذميدار ماڻهن جو سماج

ذميدار ماڻهن ۽ ادارن جو هڪ اهڙو گروهه، جيڪو رياست ۽ سماج ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري. هابس، لاڪ ۽ هيگل شهري سماج ۽ رياست ۾ فرق ٻڌايو ته، رياست سماج جو حصو آهي.


Remember Me Also:

ٻوجهي

صفت. ٻوجهو کڻندڙ ، بارگير. مزور ، حمال.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal